دبئي ۾ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ محقق عباس ڪوريجي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

دبئيءَ ۾ دنيا جي وڏي ڪروز ٻيڙي اندر سمنڊ جي لھرن ۾  سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ محقق عباس ڪوريجي جي تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪھاڻي، فن ۽ موضوع“ جي مھورتي تقريب ٿي. ڪتاب جو مھورت، ھند ۽ سنڌ جي مقبول ڳائڻي ڪوشي لالواڻي، ھند جي سينيئر ڪلاڪار نريندر ساڌواڻي، ڪارٽونسٽ ۽ وڊيو ڊائريڪٽر سڪندر مڱڻھار، ڪتاب جي ليکڪ عباس ڪوريجي، نوجوان ڪھاڻيڪار محرم مغيريءَ ۽ ٻين ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري ڪارٽونسٽ، وڊيو ڊائريڪٽر سڪندر مڱڻھار چيو ته ”عباس ڪوريجو لطيف سرڪار جي جدوجھد واري سَڏَ جو عملي ثبوت آھي.“  نوجوان ڪھاڻيڪار محرم مغيريءَ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته” عباس ڪوريجو نه رڳو ھڪ سٺو ڪھاڻيڪار ۽ سٺو محقق پر ھو ھڪ سٺو مِلنسار محبتي انسان پڻ آھي.“  سينيئر ڪلاڪار نريندر ساڌواڻيءَ جو چوڻ هو  ته” عباس جھڙو نوجوان ورسٽائيل ليکڪ هُن اڄ تائين ناھي ڏٺو جيڪو ھڪ ئي وقت ڪھاڻي، تحقيق توڙي تنقيد ۾ مھارت رکندڙ ھجي.“ صاحبِ ڪتاب عباس ڪوريجي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ” ڪھاڻي هن جي بنيادي سڃاڻپ آھي ۽ سنڌي ڪھاڻي هن کي عزيز آھي. ھڪ ڪھاڻيڪار کي مليل ھيترو مانُ سنڌي ڪھاڻيءَ لاءِ اعزاز کان گھٽ ناھي.“ ھند ۽ سنڌ جي مقبول گلوڪاره ۽ جاڳ سنڌي جاڳ جھڙي مقبول گاني جي خالق ڪوشي لالواڻيءَ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته عباس جي ٻولي نھايت مٺي ۽ من موھيندڙ آھي، ھن سان ملندي سنڌ جي سرھاڻ محسوس ٿي رھي آھي،

کي مجيب ميراڻيءَ، جاويد ڪوريجي، بشير آريسر، مسلم بڙدي، عرفان عباسي، شبير سڌايي، ٻيجل سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .  جڏهن ته علي بخش ڏاھري، الله نواز ميمڻ، اختر مشوري، فھد نظاماڻي، نائيڪ نرمل، فياض ميمڻ، اسلم چنا، فقير محمد جاگيراڻي سميت  ھند ۽ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن، فنڪارن ۽ سنڌين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.