سنڌ حڪومت جي مرضي بنا ٻيٽن تي اڏاوت ٿيڻ نه ڏينداسين: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي مرضي بنا ڪنهن به صورت ۾ ٻيٽن تي اڏاوت ٿيڻ نه ڏينداسين.

ناصر حسين شاهه ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو ۽ گورننگ باڊي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن اڍائي ڪروڙ رپين جي چيڪ جي صورت ۾ پريس ڪلب جي گرانٽ به ڏني.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ تي تنقيد ٿيندي آهي ته اسان ڪي فور جي الائنمينٽ تبديل ڪئي، اهو ته مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ڊيزائن ڪيو ويو، ٻه سال انڪوائري ۾ ضايع ٿي ويا، هاڻ ڪي فور تي مڪمل طور ڪم ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي معاملي تي ايڪشن ٿي چڪو آهي، وزيرن جي ڪميٽي جو ان ڪئميرا سيشن ٿيو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ تفصيل پبلڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.