حيدرآباد ڪورونا جي نشاني، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح سڀ کان وڌيڪ حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح حيدرآباد ۾ 33.51 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 25 سيڪڙو ڏٺي وئي.

اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح پشاور ۽ مظفر آباد ۾ 17.89 تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته سڀ کان وڏو شهر ڪراچي 12.63 سيڪڙو شرح سان پنجين نمبر تي آهي.

انگن اکرن موجب ڪورونا ڪيسن جي سڀ کان گهٽ شرح گوجرانوالا ۾ 1.16 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ اها شرح 5.52، ڪوئيٽا ۾ 5.01 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 3.93 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.