گلشن اقبال: سچ سوشل ويلفيئر پاران سچل ڳوٺ ۾ سنڌ جي روايتي کاڌن جي تقريب

سچ سوشل ويلفيئر ايسو سي ايشن پاران سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري ۾ سنڌ جي روايتي کاڌن جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافتي کاڌن ساڳ،پلي،بُسري، ،مکڻ،بهه،مڇي،تاهري ڀت،سنڌي برياني،جوئر ، چانورن جي ماني ۽ لسي سان دسترخوان سجايو ويو،  ان موقعي تي ناليواري شاعر بيدل مسرور چيو ته سنڌ جي ثقافتي کاڌن جو گڏيل دسترخوان اوطاق جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو چيو ته سنڌ جي ثقافت عظيم ۽ قديم آهي روايتي کاڌا ثقافت جو حصو آهن ان  ڪري شهرن ۾ هن قسم جو تقريبون ڪوٺائي جاڳرتا پيدا ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي ، دنيا جي ڊگهي انسان نصير سومري چيو ته سنڌ کي بزرگن جي دعا ٿيل آهي، الله ڪندو ته سنڌين جا ثقافتي ميلا سدائين لڳندا رهند، ان موقعي تي رياض کيمٽيو ، مخدوم شمس ، فقير ارشاد سومري ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا

جڏهن ته تقريب جي ميزبان وهاب سومرو جو چوڻ هو ته هر سال جيان هن سال به اهڙي تقريب ڪوٺائڻ تي کيس فخر آهي

رپورٽ- شفقت نوناري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.