ٺٽو: عوامي رابطا تحريڪ پاران سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار ۽ حقن جي حاصلات لاءِ پيادل مارچ

ٺٽي ۾  سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي والار ۽  سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ عوامي رابطا تحريڪ  پاران مڪلي کان ٺٽي تائين 6 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪڍيو ويو،

عوامي رابطا  تحريڪ جي اڳواڻن سرور پليجو، امجد پليجو، تنزيلا خاصخيلي، قومپرست اڳواڻ نواز خان زنـئور، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اشرف پليجو، ۽ ٻين پ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ آرڊيننس ذريعي وفاق پاران والار ڪرڻ ۽ سنڌ جا حق غضب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي رد ڪريون ٿا، سنڌ کي يتيم خانو سمجهي لُٽيو ۽ ڦُريو پيو وڃي،

ھنن چيو ته سنڌ جي سونھن ڪارونجھر کي به نيلام ڪيو پيو وڃي، سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو،

ھنن گھر ڪئي ته سامونڊي ٻيٽن تي قبضي لاء جاري ڪيل آرڊيننس فوري طور واپس وٺي سنڌ کي پنهنجا جائز حق ڏياريا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.