پکو: ڀٽي برادري جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

پکي ۾ ڀٽي پرادري پاران بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پکي لڳ گھوگھاري جي رهواسين  رحيم ، لياقت, قربان, محمد فاروق ڀٽي ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جا بااثر محمد علي, مدد علي ۽ سڪندر کچي  پورهيت رحيم ڀٽي جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.

هنن چيو ته زمين پورهيت جي ذاتي ملڪيت آهي بااثر زرعي زمين تي ڪاھ ڪري کي ڌمڪائي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.