سڪرنڊ: ڳوٺاڻن جو بند پيل گرلس پرائمري اسڪول جي بحاليءَ لاءِ احتجاج

سڪرنڊ ۾ ڳوٺاڻن پاران بند پيل گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جي بحاليءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ نئون ٻاٺو جي رهواسين پاران محمد خان گدارو ، نوجوان فلاحي فورم سڪرنڊ جي اڳواڻ انور چوهاڻ ، سماجي ڪارڪن مجيد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گرلس اسڪول نئون ٻاٺو ۾ 200 کان وڌيڪ نياڻيون داخل آهن اسڪول مان ليڊي ٽيچرز جي بدلي ٿيڻ سبب اسڪول بند پيل آهي جنهن ڪري نياڻي جو مستقل داءَ تي لڳل آهي.

هنن چيو ته انتظاميا کي اسڪول ۾ ليڊي ٽِيچرز مقرر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ ليڊي ٽيچرز مقرر ڪري نياڻين جو تباهه ٿيندڙ مستقل بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.