عوامي پريس ڪلب تلهار ۽ يونين آف جرنلسٽس پاران چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب

عوامي پريس ڪلب تلهار ۽ يونين آف جرنلسٽس پاران چونڊيل عهديداارن جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي.

2021 لا۽ چونڊيل عھديدارن جي رٿيل حلف برداري تقريب ۾ پ پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپور، نياز محمد لاشاري، پير محفوظ قادري، مرزو خان دلواڻي سميت پيپلز پارٽي جي  تعلقا اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ شريڪ معزز مهمانن کي عوامي پريس ڪلب تلھار جي سرپرست اعلي ڊاڪٽر محمد آصف ميمڻ ، صدر عاجز انور لاشاري  ۽ ٻين پاران جرڪ جا تحفه پيش ڪيا ويا جڏهن ته  مير الھبخش ٽالپور  چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو.

ان موقعي تي مير الهه بخش ٽالپر چيو ته تقريب ۾ شرڪت ڪري تمام گھڻو خوشي ٿي آهي اميد ڪيون ٿا ته چونڊيل عھديدارا پنھجي کنيل حلف ۽ صحافتي پيشي سان اڳ جيان ھاڻ به سچائي سان نڀائي ماڻھن جا مسئلا اجاگر ڪندا.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران عوامي پريس ڪلب لاءِ ڪمپيوٽر ۽ ٻيو ضروري سامان ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.