پير پٺي ۾ جوا جا اڏا، منشيات فروشي

گھوڙاٻاري (رپورٽ:سيد امير شاھ ڀاڏائي) گھوڙاٻاري لڳ پير پٺو لکن جي جوا جا اڏا غير قانوني شراب جو گتو ڀنگ چرس آفيم ديسي ٺرو  آئيس شيشو ھيروئن جو واهپو هلي رهيو آهي. حالانڪه منشيات جو وڪرو غير قانوني آهي ۽ ان جي وڪري تي پابنديءَ پڻ لڳل آهي پر ان هوندي به ان زھر جو وڪرو جاري آهي. اهو ڌنڌو مسلسل غير قانوني طور هلي رهيو آهي. منظرِ عام تي تڏهن ئي اچي ٿو جڏهن اهڙو ڪو دل دهلائيندڙ واقعو پيش اچي ٿو.ھتان  جي سماجي ۽ ساڃاوندن صحافين کي ٻڌائيندي چيو آهي ته مرد عورتون ۽ ٻار نشي جا عادي ٿي پنھنجيون زندگيون وڃائي ويٺا آهن ۽ ڪيترائي ھن مرض ۾ مبتلا بڻجي چڪا آھين ھنن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه سوال ٿا اٿن ته اهي ذميوار ادارا ڪٿي آهن؟ جيڪي منشيات جي زھر ٺهڻ کان وٺي وڪري تائين پنهنجون اکيون بند ڪري ستا پيا آهن ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. هڪ ٻن ماڻهن کي وقتي طور تي معطل ڪري حالات کي ڳنڀير ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ صحت کاتو به پري پري تائين نظر نٿو اچي، جنهن جو بنيادي ڪم آهي ته عوام کي مختلف بيمارين يا خطرن کان آگاهي ڏيڻ. جيئن سگريٽ نوشيءَ جا نقصانات ۽ جنسي بيمارين کان بچڻ لاءِ اپاءُ ٻڌايا ٿا وڃن.

سانگهڙ ۾  گسٽا پاران بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن جي مان ۾ تقريب

سانگھڙ (ن ع آ ) گسٽا سانگھڙ پاران 20 گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪندڙ ۽ ضلعي سانگھڙ جي بھترين استادن جي مان ۾ تقريب شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا استاد معاشري جو اھم ڪردار آھن انھن جي حقن جي حاصلات جي لاء جدوجھد جاري رکندا سين گسٽا سنڌ جو صدر حاجي اشرف خاصخيلي تفصيل مطابق گسٽا سانگھڙ پاران 20 گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪندڙ ۽ ضلعي سانگھڙ جي بھترين استادن جي مان ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ گسٽا جي مرڪزي صدر حاجي اشرف خاصخيلي, ڊي اي او سانگھڙ نصير احمد جوڳي , گسٽا جي ضلعي صدر رستم خان نظاماڻي, گسٽا جي ضلعي جنرل سيڪريٽري فضل الله عمراڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.