ڀٽ شاهه ۾ روڊ ۾ ناقص مٽيريل جو مبينا استعمال

ڀٽ شاهه (رپورٽ: ارشاد علي ٻگھيو) حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاه ۾ داخل ٿيندڙ وي آئي پي روڊ جي مرمتي ڪم ۾ ناقص پٿر جي استعمال جو انڪشاف سامهون آيو آهي  ناقص ۽ ڳاڙهو پٿر روڊ ۾ وڇايو ويو آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قائم ڪيل تاريخي روڊ ۾ نالي ماتر کوٽائي جو ڏيک ڏيئي روڊ تي ناقص پٿر وڇائي غير معياري مٽيريل ذريعي روڊ جي مرمت جو ڪوشش شروع ڪئي وئي آهي جنهن سان تاريخي ۽ قديمي روڊ جي پراڻي شڪل بـ متاثر ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آهي قومي شاهراه کان ڀٽ شاه شهر تائين ڊبل روڊ جي مرمتي ڪم جو ٺيڪو تڪ مان چونڊيل نمائندن جي من پسند ٺيڪيدار حوالي ڪيو ويو آهي چونڊيل نمائندن جي آشيرواڌ سبب ضلعي انتظاميا بـ ناقص ڪم تي خاموشي جو روزو رکي ڇڏيو آهي .جڏهن تـ ڀٽ شاه جي شهرين سميت علائقي واسين ۽ لاکيڻي لطيف جي پانڌيئڙن ۾ اهڙي عمل سبب ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي ۽ ڀٽ شاه نگري جي ترقياتي ڪمن سميت داخلي وي آئي پي روڊ تي مرمتي ڪم ناقص پٿر ۽ ٻيو سامان استعمال ڪرڻ لطيف جي نگري سان ناانصافي قرار ڏنو ويو آهي ڀٽائي جي پانڌيئڙن ۽ شهرين رحمدل مگسي  رستم علي شاهد حسين قمبراڻي غلام رسول ۽ ٻين جو چوڻ آهي من پسند ٺيڪيدار طرفان ڀٽ شاه جي وي آئي پي روڊ جي مرمتي ڪم ۾ غيرمعياري پٿر لڳائڻ جو فوري طور تي نوٽيس وٺي  ملوث ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن خلاف قانوني ڪارروائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.