انصار سدائين ايمانداري سان صحافت ڪئي:رحمان سمون

حيدرآباد(رپورٽر) ڪراچي جهاز حادثي جي شهيد ٿيندڙ سينيئر صحافي انصار نقوي جي ياد ۾ حيدرآباد پريس ڪلب طرفان  تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون چيو ته انصار نقوي زندگي جي آخري گهڙي تائين ايماندار رهيو. ھن چيو تھ انصار نقوي هڪ پروفيشنل، سچ ۽  مظلومن جي پاسي بيٺل جانبدار صحافي هو، هميشه اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. حيدرآباد پريس ڪلب جي سيڪريٽري محمد حسين خان چيو ته انصار نقوي سان تمام گهاٽي دوستي هئي. هو سٺو دوست ۽ صحافي رهيو, جنهن جي وڇوڙي کي دل تسليم ڪري ئي نٿي. انصار نقوي پنهنجي ڪم ڪردار ۽ اخلاص جي گڻن سان زندهه آهي ۽ هميشه اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. سينيئر صحافي علي حسن چيو ته انصار نقوي جو حيدرآباد پريس ڪلب کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هو هڪ خلوص وارين خوبين جو انسان هو. هن چيو ته انسان پنهنجي ڪردار سان زندهه رهندو آهي. انصار نقوي انهن ماڻهن منجهان آهي، مونکي اڃا به يقين نٿو اچي ته ڪو انصار نقوي اسان کان وڇڙي ويو آهي. جنيد خانزاده چيو ته انصار نقوي صحافت سيکاريندڙ هو. تعزيتي ميڙاڪي کي ايڇ يو جي جي صدر اقبال ملاح, جنرل سيڪريٽري منصور مري,  سينيئر صحافي حامد شيخ, حميد الرحمان، ڊاڪٽر صولت جعفري, ناصر شيخ, عرفان عرفي, نديم خاور ۽ ٻين خطاب ڪري شهيد انصار نقوي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڏني. جڏهن ته آخر ۾ شهيد انصار نقوي جي روح کي ثواب پهچائڻ لئه دعا گهري وئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.