لڪي شاهه صدر ويجهو روڊ پار ڪندڙ عورت ڪار جي ٽڪر ۾ فوت

مانجهند (ن ع آ)لڪي شاهه صدر ڀرسان ڳوٺ حيدر خان رند انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان دادو طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار جي  ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ 32 ورهين جي عورت جميلا بروهي موقعي تي فوت ٿي وئي جنهن جي لاش جي پوسٽ مارٽم لا ء  پوليس تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو فوتي عورت غريب لڏڙائو خاندان سان تعلق رکندي هئي جيڪي مختلف هنڌن تي مزدوري ۽ هارپو ڪري گذر سفر ڪندا آھن  جنهن جي فوت ٿيڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ٿيٻاٽ پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.