گهوٽڪي ۾هٿياربندن جي فائرنگ، چاچڙ برادري جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گھوٽڪي ,بگو واھ واري علائقي ۾ ھٿياربندن جي محمد علي چاچڙ جي گھر تي فائرنگ محمد علي چاچڙ معجزاڻي طور  تي بچي ويو واقعي کان پوء چاچڙ برادري جي ماڻھو وڏي تعداد ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا ,فائرنگ واري واقعي خلاف چاچڙ برادري جي ماڻھن پيپلز پارٽي سٽي جي جنرل سيڪريٽري محمد حسن چاچڙ ۽ محمد علي چاچڙ جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته چاچڙ برادري  جي ماڻھن نور حسن چاچڙ افضل چاچڙ ,عبدالرشيد چاچڙ ۽ صدورو چاچڙ  وارن گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ دوران محمد علي چاچڙ معجزاڻي طور تي بچي ويو ۽ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا, ھنن چيو ته صدورو چاچڙ پھريان ب ڪچو ٻنڊي ٿاڻي تي روپوش آھي پر پوليس ھن کي گرفتار ڪرڻ سبب ھو سريعام گھمي رھيو آھي.  ,مظاھرين وڌيڪ چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ محمد علي چاچڙ جي 105 ايڪڙ زمين آھي جنھن مان 50 ايڪڙ ڪمند جو فصل آھي ان تي نور حسن چاچڙ وارا قبضو ڪرڻ چاھين ٿا, مظاھرين وس وارين اعلي اختيارن کان گھر ڪئي ت معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.