اسلام ڪوٽ ۾ باهه، 4 پورهيتن جا گهر رک

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ شهر جي ميگهواڙ پاڙي ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب چار پورهيتن ايشور،گهمون،لالو ۽ ڪرشن ميگهواڙ  جا ڪکاوان گهر الھ تلھ سميت سڙي خاڪ ۾ تبديل ٿي ويا باھ دوران متاثرين ۽ ٻارن ۾ دانهون پئجي ويون وڏي انگ ۾ پاڙي وارن توڙي شهرين پهچي باھ وسائڻ ۾ لڳي ويا جنهن بعد اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهر بچائي ورتا جڏهن ته باھ سبب گهرن ۾ پيل زيورات،نياڻين جو ڏاج،کٽون بسترا،کاڌي پيتي جو سامان،ٿانون،اناج ضروري ڪاغذن سميت سڀ ڪجھ کن پل ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو متاثر خاندان دانهيندي ٻُڌايو ته باھ سبب اسان جو سڀ ڪجھ سڙي ويو ڪا شي ناهي بچي هاڻي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون غريب آهيون واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.