قمبر ۾ جهيڙي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

قمبر (ت ر) قمبر جي ميتلا اسٽاپ وٽ هوٽل مالڪ پيسا گهرڻ تان سيال ۽ جاگيراڻي  برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيوهوٽل مالڪ ۽ مزدورن لاڙڪاڻو قمبر روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون جهيڙي ۾سيال برادري جي هوٽل مزدور اسد علي سيال ۽ ملنگ سيال کي لٺين ڏنڍن لڳڻ سبب شيديد زخمي تي پيا جن کي لاڙڪاڻي جي شعبه حادثات نيو ويو جهيڙي جي ٻنهي ڌرين اين سي قمبر سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي هوٽل مزدورن جو چوڻ هو ته جاگيراڻي برادري جي ابرار جاگيراڻي وقار جاگيراڻي کان چانهه جا پيسا گهرڻ تي ڏمرجي جوابدارن دادگيري ڪندي گاريون ڏئي غنڊا گردي ڪندي لٺيون ڏنڍا هنيا هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترا دفعا اسان جي دڪانن هوٽلن تان منٿليون وٺن ٿا نه ڏيڻ تي هروڀرو جهيڙو ڪندا آهن هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.