سانگهڙ ۾ مهانگائي چوٽ، غريب بکن تي، احتجاج

سانگھڙ (رپورٽ:محمد حسين بلوچ) سنڏ ۾ ۔وڌندڙ مھانگائي، بيروزگاري، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي خلاف نيشنل ٽريڊ يونين ۽ ھوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊريشن پاران سانگھڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ شھرين ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي تنظيم جي اڳواڻن ميڊم ساجدا ڪوثر، مھرالنسا، رفيعا  ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ مھانگائي عروج تي پهچي وئي آهي جنھن ڪري غريب پورھيت ۽ ھاري ٻه ويلي جي ماني لاء پريشان ٿي ويا آھن ھڪ پاسي مھانگائي ته ٻئي پاسي بي روزگاري ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آھي، وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي سرڪاري ۽ ٻيون حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهن، جنهن ڪري عوام سخت پريشآني ۽ بيچيني جو شڪار آهن. مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر اي سين ۾ عيش ڪندڙ حڪمرانن کي ڪا پرواهه ڪانهي. هن ملڪ جي عدالتن کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي جي ظلم جو نوٽيس وٺي عوام لاءِ سستائي ڪئي وڃي.

ٺٽي ۾ مهانگائي جو طوفان، پورهيت پريشان، ريلي

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي توڙي وڌندڙ مھنگائي خلاف سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران ايڌي سينٽر ٺٽو کان احتجاجي ريلي  ڪڍي وئي، جيڪا قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو ويو. جڏھن تہ ريلي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا پڻ شامل ھئا، جن جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کنيل ھئا، جيڪي وفاق سرڪار خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زھرہ خان، لال بخش سٺيو، سعيدہ خاتون، عبدالغفور شيخ، اويس جتوئي، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو، لطف ھالو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ڪافي وقت کان سنڌ جون زمينون ۽ ٻيٽ سنڌ جي مرضي کانسواءِ وڪرو ڪيا پيا وڃن، اسان سنڌ جا وارث اڃان زندہ آھيون، ڪنھن بہ صورت ۾ وفاق کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نہ ڏينداسين. ھنن چيو تہ نااھل حڪمرانن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي آھي، پورھيت طبقو انتھائي پريشانين کي منھن ڏئي رھيو آھي، اٽي، کنڊ، چانورن سميت سمورين عام واھپي جي شين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا آھن پر حڪمران عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن. ھنن چيو تہ يوٽيلٽي اسٽورن تان بہ سستو سامان نٿو ملي، ڏينھون ڏينھن مھنگائي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، نااھل حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪري مھنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تان وفاق جو قبضو ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.