رتيديري ۾ عورت جو مڙس جي آزادي ۽ ماءُ پي ءُ خلاف احتجاج

رتوديرو (ن ع آ )رتيديري ۾ نور محلي لاڙڪاڻي جي رهواسڻ عورت مسمات سبحان خاتون کوسو احتجاج ڪندي رتوديرو پريس  ڪلب ۾ مقامي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجي پيءُ ماءُ پنج سال اڳ منهنجي شادي رضا خوشي سان منهنجي سڳي ماسات اياز کوسو سان ڪرائي هئي، هن ٻڌايو ته چار مهينا ٿيندا جو منهنجي مڙس کي اسان جي ذات جي ٽن ڄڻن صوبدار ، غلام مصطفيٰ ۽ عبدالحميد کوسو وارن اغوا ڪري پاڻ وٽ يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙو ڪيس عدالت ۾ پڻ هلندڙ آهي ۽ مون کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي ته اها منهنجي مڙس کي آزاد ڪرائيندي، هن چيو ته منهنجا گھر وارا مون کي منهنجي مڙس جي گھر مان ڪڍي منهنجي ٻئي ڪنهن هنڌ زبردستي شادي ڪرائي ڇڏيندا، منهنجا پيءُ  ماءُ ۽ ڀائر ڪڏهن ڪاٿي هوندا آهن ته وري ڪڏهن ڪاٿي انهن جو ڪوبه هڪ ٽڪاڻو نه آهي ۽ اهي مون مٿان بلاجواز ڪوڙا الزام هڻي مون کي تنگ ڪري رهيا آهن جڏهن ته مان پنهنجي مڙس جي گھر ۾ صحيح سلامت گذاريان پئي هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو خدارا منهنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.