خيرپور ۾ مبينا ٻار اغوا الزام هيٺ نينگر گرفتار

خيرپور (ڊر) ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ٺيڙهي شهر مان ٻارن کي اغوا ڪندڙ گروهه جو هڪ  نوجوان عرفان پٽ غلام مصطفيٰ ڪٽوهر  کي شهرين پڪڙي ورتو آهي عرفان انڪشاف ڪندي شهرين کي ٻڌايو ته مون سان گڏ منهنجو مائٽ غلام پٽ خدن ڪٽوهر جيڪو مون سان گڏ آهي هو مون کي ٺيڙهي شهر ۾موٽرسائيڪل تان  لاهي چيو ته مان روهڙي ڪينال وٽ بيٺو آهيان تون گهٽي ۾ بيٺل ڪنهن ٻار کي اغوا ڪري کڻي اچ تنهن ڪري مان اسڪول کان واپس ايندي معصوم ٻار کي اغوا ڪري رهيو هيس ته توهان شهرين مون کي پڪڙي ورتو آهي شهرين ان نوجوان جي نشاندگي تي جيئن روهڙي ڪينال وٽ پهتا ته سندس ساٿي غلام پٽ خدن ڪٽوهر ويٺل پنواڙي جيڪو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پڪڙيل نوجوان وڌيڪ چيو ته اسان هر 5 مهيني ڪٿا نه ڪٿا ٻار اغوا  ڪري ان جي وارثن سان ربطو ڪري انهن ڀنگ وٺي ٻارن کي آزاد ڪندا آهيون . هن چيو ته گذريل5 مهينا اڳ  خيرپور شهر مان به هڪ ٻار اغوا ڪيو هو جنهن جي وارثن کان هڪ لک روپيه ڀنگ وٺي کيس آزاد ڪيو هو هينئر ٺيڙهي مان ٻار کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيوسين جو توهان پڪڙي ورتو آهي بعد ۾شهرين پڪڙيل جوابدار ٺيڙهي چونڪي پوليس جي حوالي ڪري چڏيو آهي هواڏنهن شهرين رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٺيڙهي پوليس جي چونڪي انجارچ  جوابدارن کان پئسا وٺي کيس آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي شهرين  ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جي گهر ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.