ريلوي زمين تي قبضو، ڪامران ٽيسوري تي ڪيس داخل

ڪراچي  (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ريلوي جي زمين تي قبضو ڪري غيرقانوني اڏاوت ڪرڻ تي پاڪستان  ريلوي جي ٿاڻي ۾ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي ڪامران ٽيسوري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ريلوي  اهلڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو،  جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪامران ٽيسوري ريلوي جي 2783 گز زمين تي قبضو ڪري غيرقانوني اڏاوت ڪري پيو، جنهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. پوليس ڪيس داخل ڪري اڏاوت  جو ڪم به روڪرائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪامران ٽيسوري جو موقف آهي ته  مٿس  داخل ڪيس بي بنياد آهي. اڄ پريس پريس ڪانفرنس ڪري سموريون حقيقتون سامهون آڻيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.