مٺي اسپتال ۾ عورت ويم دوران فوت، ڊاڪٽرياڻي تي الزام

مٺي(رپورٽ: غازي بجير )مٺي سول اسپتال ۾ ويم دوران ناري گهڻو رت وهڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت،وارثن پاران ڊاڪٽرياڻين تي غفلت جو  الزام. احتجاج خبر موجب:مٺي سول اسپتال ۾  32 سالن جي ناري نرودا زال اميت سونارو ويم دوران گهڻو رت وهڻ سبب فوت ٿي وئي.،  وارثن پاران اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين تي لاپرواهي جو الزام هڻي اسپتال جي احاطي ۾ لاش سميت احتجاج ڪندي ڊاڪٽرياڻين توڙي اسپتال انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ناريءُ جي مڙس اميت سونارو ۽ ڀاءُ دليپ سونارو احتجاج دوران ڳالهائيندي چيو ته نرودا سونارو جو موت ڊاڪٽرياڻين جي غفلت سبب ٿيو آھي. واقعي کي قتل سمجهون ٿا، نارمل ڊليوري هئي اسان رت جو بندوبست به ڪري ڏنو. ڊاڪٽرياڻين جي لاپراوهي سبب فوتگي ٿي. اسپتال انتظاميه رابطو ڪرڻ تي چيو ته فوت ٿيل ناري ۾ رت جي تمام گهڻي کوٽ ھئي جنهن ڪري ويم دوران سندس موت ٿيو، عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.