پيرڳوٺ ۾ گهر ۾ باهه ڏيندڙ ٽڪ ٽاڪ گرل عدالت ۾ پيش

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ جي سالار محلي جي رھواسڻ ٽڪ ٽاڪر ناري ماروي ڌيءَ عبدالعزيز خلجي کي وومين پوليس ڪالھ خيرپور  جي فيملي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٽڪ ٽاڪر ناري ماروي خلجي کي سکر جي وومين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کي پوليس وومين جيل سکر جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ياد رھي ته جمعي واري ڏينهن شام جو ٽڪ ٽاڪر ناري ماروي خلجيءَ پنهنجي گهر اندر والدين سان منهن ماري ڪرڻ بعد پنهنجي گهر ۾ رکيل ڪپڙن کي باھ ڏيڻ کان سواءِ پيءُ کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڀڃ ڊاھ ڪئي هئي، سندس پيءُ عبدالعزيز خلجي جي فرياد تي پيرجوڳوٺ پوليس گرفتار ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.