ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ٻه هفتا لاڪ ڊائون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ٻن هفتن لاءِ سمارٽ ۽ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، جنهن بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب ڪراچي جي 5 ضلعن جي مختلف هنڌن تي سمارٽ ۽ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، جيڪو اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿيندو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل ضلعي جي 4 سب ڊويزنز ۾ گلبرگ، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هوندو.

گلبرگ جي 11 بلاڪن مان 7 يوسين، نارٿ ناظم آباد جي 7 بلاڪن مان 5 يوسين، نيو ڪراچي جي 4 سيڪٽرن مان 3 يوسين، ناظم آباد جي 4 علائقن جي 4 يوسين ۾ 4 ڊسمبر تائين سمارٽ ۽ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون رهندو.

پڌرائيءَ موجب اوڀر ضلعي جي ٻن ٽائونز جي 14 يوسين جي مخصوص علائقن ۾ 5 ڊسمبر جي رات 12هين وڳي تائين سمارٽ ۽ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هوندو، جڏهن ته ڏکڻ جي هڪ سب ڊويزن ۾ سول لائن ۾ 16 ڪيسن کانپوءِ ڊفينس ۽ باٿ آءِ لينڊ جي 4 گهٽين ۾ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون دوران 3 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته خيابان مون، خيابان بدر، باٿ آءِ لينڊ ۽ خيابان اتحاد جي مخصوص گهٽين ۾ لاڪ ڊائون هوندو، اولهه ضلعي ۾ 5 ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ ٻن هنڌن تي 5 ڊسمبر جي شام 7 وڳي تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون رهندو.

اهڙي ريت ڪورنگي ضلعي جي 3 سب ڊويزنز جي 3 يوسين ۾ مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي، يوسي هڪ جي علائقي ماڊل ڪالوني، يوسي ٻه جي ناصر ڪالوني ۽ يوسي 7 جي الفلاح جي مخصوص گهٽين ۾ 5 ڊسمبر جي شام 7 وڳي تائين لاڪ ڊائون هوندو.

مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون جي مخصوص علائقن ۾ غير ضروري چرپر، هر قسم جي عوامي ميڙاڪي، 3 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته گهران نڪرندڙ شخص لاءِ ماسڪ جي پابندي لازمي هوندي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي سفارش تي هنيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.