مٺياڻي: ٽائون ڪاميٽي عملي کي پگھارون جاري نه ڪرڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج

ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جي  انتظاميا پاران صفائي واري عملي کي پگھارون جاري نه ڪرڻ سبب صفائي واري عملي احتجاج طور  ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڇڏي جنھن ڪري شھر ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ صفائي وارو عمل رڪجي ويو ، صفائي نه  ٿيڻ سبب مين روڊ ۔ اسپتال روڊ ۔ ٽائون روڊ ۔ سميت ٻين علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا ۽ نالين جو گندو پاڻي بيھجي ويو جنھن ڪري ڪرونا وائرس پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.ان موقعي تي ملازمن  بشير احمد سولنگي ۔ فياض علي شيخ ۔ معراج سنڌي ۔ اياز شيخ ۽ ٻين چيو ته  ٽائون انتظاميا روزانو لکين رپين جا بل پاس ڪرائي ٿي پر صفائي ڪندڙ عملي کي پگھارون نه  پيون ڏنيون وڃن، هنن  اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور تي صفائي ڪندڙ عملي کي پگھارون ڏياريون وڃن ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.