زيادتي جي جوابدارن کي عبرت جو نشان بڻائڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزير اعظم عمران خان قانون واري وزير فروغ نسيم ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير ملاقات ڪئي جنهن ۾ بيرسٽر علي ظفر به شريڪ هو.

وزير اعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي جوابدارن خلاف سخت سزائن تي ٻڌل قانون آندو وڃي، اهڙو قانون آڻيو جو متاثر عورتون يا ٻار بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهن.

وزير اعظم عمران خان چيو ته قانون ۾ متاثر عورتن ۽ ٻارن جي سڃاڻپ جي تحفظ جو خيال رکيو وڃي، اسان کي پنهنجي معاشري کي محفوظ ماحول ڏيڻو آهي، زيادتي جي جوابدارن کي سخر سزائون ڏيڻ وارو آرڊيننس ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.