حيدرآباد ۾ شهري جون مهانگائي خلاف دانهون

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ جي رهواسي محمد ناصر خان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ملڪ ۾ هر روز کاڌ خوراڪ جي شين سميت بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب غريب ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، جڏهن ته عمران خان عوام سان واعدو ڪيو هو ته ملڪ مان مهانگائي ختم ڪرايو، پر مهانگائي ختم ڪرائڻ ته پري پر جي ڳالهه پر هاڻ ته ايتري مهانگائي وڌي وئي آهي جو ماڻهو ٻن ويلن جي ٽائيم تي ماني به نٿو کائي سگهي. هن اپيل ڪئي ته مهانگائي جهڙي عذاب کي ختم ڪري ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.