ڪوهستان ۾ قائم اسپتالون ۽ ڊسپينسريون عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

ٿاڻوبولاخان ( رپورٽ: گاگن داس ڪوهستاني  ) ٿاڻوبولاخان تعلقي جي هيڊڪواٽر سميت ڪوهستان جي ڏوراهين علائقن ۾ قائم اسپتالون ۽ ڊسپينسريون غريب عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن، ڪوهستان جي ڪنهن به شھر ۾ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ميٽرنٽي هوم نه هئڻ ڪري سوين عورتون ويم دوران موت جي ورچڙهي ويون، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪوهستان جي هيڊڪواٽر شھر ٿاڻوبولاخان جي تعلقي اسپتال ۾ قائم ٿيل ايئرڪنڊيشن ميٽرنٽي هوم 4 سالن اڳ وقتي طور شروع ڪري ڪوهستان جي غريب عورتن کي ويم دوران آپريشن جي سهولت ڏني وئي جنهن بعد ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪري بند ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين بند آهي، جنهن سبب ڪوهستان جي ڏوراهين ۽ جابلو علائقن ٽڪوبارڻ، مول، رني ڪوٽ ڪوهتراش، ٿاڻوعارب خان، ڪرچات ، سري ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن مان ايندڙ ڳورهاريون عورتون رستي ۾ فوت ٿيو وڃن، ڏيڍ لک آبادي واري تعلقي ٿاڻي بولاخان ۾ صرف هڪ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ٿاڻوبولاخان شھر جي تعلقه اسپتال مقرر 2 ليڊي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي، عورتون ڪراچي ۽ حيدر آباد وڃڻ تي مجبور آهن، وڏو وزير ۽ صحت وارو صوبائي وزير نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.