حيدرآباد سنگت جي گڏجاڻي، شاعري تي تنقيد

حيدرآباد (پ ر( سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻي نامياري شاعر گل ٽکڙائي جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾  مولا بخش محبتي غزل، شفيع چانڊيو وائي،عنايت لغاري غزل،پارس حميد نثري نظم،سڪندر سولنگي وائي, گلشير ڪوريجو گيت،رامچند اوڏ غزل، غلام مصطفي سولنگي غزل، چاچا عاشق سولنگي وائي،ڊاڪٽر غفار جوڻيجو غزل جا اسم تنقيد لاءِ پيش ڪيا. پڙهندڙن کان سواءِ نامياري اديب ادريس جتوئي، سليم چنا.،روشن سندر چانڊيو، پروفيسر نظير ملڪاڻي، عبداللطيف ملاح، نور حسين ڪلهوڙو، مڪيش بارٿاڻي، ذوالفقار هالار ،دريا خان پيرزادي ۽ ٻين  تنقيد ۾ حصو ورتو.. وقت گهڻو گذرڻ ڪري راجا انور چانڊيي وائي ۽ سليم چنا بنا تنقيد جي مختصر ڪهاڻي پڙهي. گڏجاڻي جي ڪارروائي تاج جويو هلائي. ٻارن جي حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏجاڻي۽ جي ابتدا ۾ غلام مصطفي سولنگي۽ جي ڪتاب "سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو استعمال” جو مھورت ڪيو ويو، شريڪ دوستن ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جي دور ۾ ڪافي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ هي هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي استعمال تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. شفيع چانڊيو جي وائي۽ کي ڪلاسيڪي رنگ ۽ لاڙي لهجي جي وائي سڏيو ويو، غزلن ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو جي غزل کي ننڍي بحر وزن ۾ لکيل اهم جديد غزل قرار ڏنو ويو، جنهن ۾ ڪيترا شاھ بند هئا.، جن ۾ احساسن جي نواڻ هئي، پارس حميد جي نثري نظم جي ڪلائمڪس ئي ان جي ڪاميابي قرار ڏني وئي.، مولابخش محبتي جي ڪافي۽ کي ڪافي فن تي مڪمل سڏيندي چيو ويو ته جديد شاعرن کي ڪافي لکڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.