خير محمد آريجا ۾ پ ٽ الف باقراڻي جي صدر جي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) تعلقه باقراڻي جي نئين چونڊيل باڊي جي عهديدارن جنهن ۾ سينيئر نائب صدر سيد نديم اقبال شاه جنرل سيڪريٽري وحيد علي هليو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بشير احمد کوسو، پريس سيڪريٽري ساجد علي سولنگي، آفيس سيڪريٽري عبداللّٰه ابڙو جن جي اڳواڻيءَ ۾ سوين استادن سان گڏجي ضلعي جنرل سيڪريٽري منظور علي منگي جي اڳواڻي ۾ پ ٽ الف تعلقي باقراڻي جي صدر محمد بخش جتوئي جي ڪراچي بدلي ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ريلي ڪڍي وئي جڏهن ٽي اي او فيميل باقراڻي خلاف استادن سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي پ ٽ الف جي اڳواڻن ۽ استادن تعليم کاتي جي سيڪريٽري سنڌ کان مطالبو ڪيو  ته محمد بخش جتوئي جي بدلي ساڳئي اسڪول ۾ واپس  ڪرائي ٽي اي او فيميل باقراڻي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته پ ٽ الف باقراڻي جي نئين چونڊيل صدر جي اڳواڻيءَ ۾ فيميل ٽيچرس جي شڪايتن تي اسان ٽي اي او فيميل سان ملاقات ڪئي جڏهن ته اسان ٽي اي فيميل کي چيو ته فيميل ٽيچرس جا جائز مسئلا حل ڪيو ۽ فيميل ٽيچرس کي پريشان نه ڪيو جنهن تي ٽي اي او فيميل ڪاوڙجي پ ٽ الف تعلقي باقراڻي جي بدلي ڪراچي ڪرائي آهي جيڪو سراسر غلط عمل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.