حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن حيدرآباد ۽ ڄامشورو پاران پيپلز يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي هائوس جاب ڊاڪٽرياڻين کي 8 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر روشن چانڊيو، ڊاڪٽر غفران ميمڻ، ڊاڪٽر ڪاشف شر ۽ ٻين چيو ته پيپلز يونيورسٽي اسپتال شهيد بينظير آباد جا هائوس جان آفيسر ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو کين گذريل 8 مهينن کان پگهار ناهي ملي، جيڪا ساڻن وڏي ناجائزي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد ئي پيپلز يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي هائوس جان آفيسرن کي گذريل 8 مهينن جون پگهارون جاري ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.