سنڌ ۾ صحافين جو قتل عام افسوس جوڳو آهي:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور,محمد علي خشڪ,حبدارميرجت,ھالار رتڙ,تراب جتوئي,صوفي حاجن   گل,دودو سيال,زاھد زھراڻي,جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته باهو کوسو جي صحافي نور لنجواڻي جي قتل جي مذمت ڪجي ٿي صحافت مظلومن جي آواز ھوندي آھي ھڪ قلمڪار جو قتل مظلومن جي آواز جو قتل آھي صحافي نور لنجواڻي جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي,سنڌ ۾ اڄ به صحافت آزاد ناھي صحافي قتل ٿين ٿا ڪجھ مھينا پھرين صحافي عزيز ميمڻ قتل ٿيو جنھن جا اصل قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿيا ڇا قاتل قانون کان سگھارا آھن يا قانون قاتلن کي بچائي رھيو آھي سنڌ ۾ اھل قلم ماڻھو قتل ٿي وڃي ٿا جن پٺيان ھڪ گھري سازش آھي,اھي سازشي عناصر پڌرا ٿيڻ گھرجن,قاتل قانون کان سگھارا ته نه آھن جو پڪڙ ۾ نٿا اچن قاتل کي بي نقاب ڪري گرفتار ڪري سزائون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.