ٻيٽن تي وفاق جو قبضو تباهي طرف پهريون قدم قرار، مزاحمت جو اعلان

ڪراچي (رپوٽ: صادق سومرو) سنڌ  گريجوئيٽس ايسوسيئيشن وومين برانچ ڪراچي پاران ٻيٽن تي فاق جي والاري خلاف سيمينار ڪوٺايو ويو، اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ مهتاب اڪبر راشدي، شهاب اوستو، فشر مين فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه ، ڊاڪٽر سليم ميمڻ، شبنم  موتي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته ٻيٽن تي وفاق جو قبضو تباهي طرف پهريون قدم آهي، قانوني طرح سان ڪجهه به نٿو ٿي سگھي قانون کي چيلينج ڪيو ويندو  ۽ ڪيو  ويو آهي  آرڊيننس جي ذريعي ڪنهن به قسم جي ڪا به شيءَ ڪنهن کي به قبول ڪو نه ٿيندي. هن چيو ته ٻيٽن جي معاملي تي تمام سنجيدهه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سنڌ جي ماڻهن ڳالهايو آهي ا ڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. پر اها شيءِ اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين ۽ ان خلاف آواز اٿارينداسين.قانوندان شهاب اوستي جو چوڻ هو ته  پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته آئين کي ٽوڙي مروڙي ، شقن کي غلط طريقي استعمال ڪندي اهو حملو ٿيو آهي، اهو تمام سنجيده قسم جو مسئلو آهي ان سان اسان کي منهن ڏيڻو پوندو.   محمد علي شاهه سنڌ  گريجوئيٽس ايسوسيئيشن وومين برانچ ڪراچي جي ساراهه ڪندي چيو ته ان قسم جي جدوجهد جاري رهڻ کپي ۽ ان وقت تائين جاري رهڻ کپي جيستائين وفاق پنهنجي ان ارادي ته هٿ نٿو کڻي ۽ آرڊيننس کي واپس نٿو وٺي، ان وقت تائين ڀرپور مزاحمت جاري رکي ويندي. گل حسن ڪلمتي جو چوڻ هو ته ان هر اڏاوت جي مخالفت ڪنداسين ڀلي اها سنڌ گورنمينٽ طرفان هجي يا وفاق طرفان اسان ٻيٽن تي قبضي جي خلاف آهيون، سنڌ جا ٻيت ماهولياتي ۽ معاشي طور تي ضرورت آهن.  ڊاڪٽر سليم ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پهرين هنن کي ها ڪئي ۽ جڏهن عوامي پريشر وڌيو ته هاڻ انهن يوٽرن ورتو آهي مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌ واسي گڏجي پون ۽ باقائده تحريڪ هلي. شبنم موتي چيو ته هي سنڌ جي ڳالهه آ سنڌ جي عوام ، سنڌ جي ڌرتي  سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حالتن جي ڳالهه آهي ان تي اسان سڀني جو اوترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن ٻئي جو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪو اهڙو قدم کني رهي کنيو يا کڻندي  سنڌ جو عوام کين بخش نه ڪندو ، سنڌي عوام ڀرپور احتجاج ڪندو ۽ ڪندو رهندو جيستائين پنهنجي مقصد ان نيڪ مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.