ڪورونا وبا عالمي حقيقت آهي مخالف ڌر هوش کان ڪم وٺي: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا عالمي حقيقت آهي مخالف ڌر هوش کان ڪم وٺي ۽ عوام دشمني جي ذميوار نه بڻجي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير شبلي جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا هڪ عالمي حقيقت آهي هي ڪنهن ذهن جو خاڪو ناهي، ان تي عدالتي فيصلو به اچي چڪو آهي ان ڪري مخالف ڌر هاڻ هوش کان ڪم وٺي ۽ عوام دشمني نه ڪري، عوام جي صحت جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن قيمتي جانيون ضايع ٿيون ته ان جا ذميوار مخالف ڌر اڳواڻ ۽ انتظاميا هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.