سکر :گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف جو ھٿن ۾ ٿانوَ ۽ چلھا کڻي انوکو احتجاج

سکر ۾گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا ، ھٿن ۾ ٿائوء ۽ چلھا کڻي انوکو احتجاج ڪيو ويو ، احتجاج ڪندڙ نصير گوپانگ ، وقار علي سومرو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سوئي سدرن گئس  انتظاميا جي نااھلي ۽ گئس چوري کي لڪائين لاء شھر ۾ روزانو گئيس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ، جنھن سبب گھر ۾ ماني پچائڻ ۾ سخت ڏکيائيون  پيش اچي رھيون آهن ، ٻار اسڪول ناشتي کان بغير وڃڻ تي مجبور آھن ، ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ کي فوري ختم ڪري شھرين کي بنا رنڊڪ  جي گئس فراهم ڪئي وڃي  ٻي صورت ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي آفيس جو  گهيراءُ ڪيو ويندو ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.