آءِ بي اي کي بئنڪ الفلاح پاران امدادي چيڪ فراهم

ڪراچي (پ ر ) آءِ بي اي کي بي ايف ايل پاران رقم جو چيڪ ملي ويو آهي، جنهن هيٺ غريب شاگردن جي مالي مدد ڪئي ويندي. ڪالهه جاري ڪيل پريس رليز موجب انسٽيٽوٽ آف بزنس اينڊ ايڊمنسٽريشن جي ماليات واري شعبي کي بئنڪ الفلاح لمٽيڊ پاران چيڪ ملي ويو آهي، جنهن جي ماليت 4.25 ملين پاڪستاني رپيا آهن. بئنڪ الفلاح جي ڊاڪٽر محمد عمران آءِ بي اي جي ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي کي چيڪ ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي ادارن جا ٻيا عملدار ۽ آفيسر پڻ موجود هئا. ياد هجي ته موجب انسٽيٽوٽ آف بزنس اينڊ ايڊمنسٽريشن ۽ بئنڪ الفلاح لمٽيڊ جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو هو ته بئنڪ الفلاح پاران آءِ بي اي جي غريب شاگردن جي مدد جي لاءِ امدادي رقم ڏني ويندي، جنهن هيٺ هي پهريون چيڪ جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.