ڏوڪري واسي صوفي راڳي بيمار، واهر جي اپيل

ڏوڪري (ت ر) لڳو منهجي اندر ۾ آڙاه، سورن منهنجو سک وڃايو جهڙا گيت ڳائيندڙ ۽ فن کي پنهنجي سموري زندگي ارپيندڙ صوفي راڳي عبدالڪريم بروهي  شگر دماغ  ۽ ٻين بيمارين سبب  گهر ڀيڙو ٿي ويو آهي ، ٽن سالن کان وٺي لاڙڪاڻي جي ڪوثر مل ڪالوني ۾ هڪ کٽ تي پيل آهي هلڻ گهمڻ کان لاچار بڻيل آهي جڏهن ته دماغي بيماري سبب ياداشت به ختم ٿي وئي آهي ، راڳي جي وارثن حال آهر سندس علاج به ڪرايو آهي پر طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي ان ڏس ۾ صوفي راڳي عبدالڪريم بروهي شاھ لطيف، سچل سرمست، ٻلها شاھ، چيزل شاھ، بگن شاھ، ولايت شاھ ۽ ٻين شاعرن  جي شاعري ڳائي آهي جڏهن ته صوفي راڳي اڳوڻي صدر ايوب خان ۽اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳيان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي جن کيس ڀرپور داد به ڏنو هو، صوفي راڳي هن وقت مختلف بيمارين جي ور چڙهي بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي ثقافت کاتي سميت سندس ڪنهن به ڪا سار نه لڌي آهي. صوفي راڳي جي پٽ محمد هاشم بروهي ٻڌايو ته سندس والد سڄي زندگي فن کي ڏني هينئر هو شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.  هلڻ گهمڻ کان لاچار ٿي ويو آهي اسان حال آهر سندس علاج به ڪرايو آهي پر طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي اسان سرڪار ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته صوفي راڳي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. هوڏانهن بخاري ويلفيئر ادبي سنگت لاڙڪاڻو جي اڳواڻ برڪت گاد، محمد علي لانگاهه، قربان شيخ، وسيم هڪڙو، ابرار ڀٽو ۽ ٻين صوفي راڳي جي واهر جي اپيل ڪندي چيو آهي ته فقير عبدالڪريم بروهي ماضي جو ڀلوڙ راڳي رهيو آهي هن پنهنجي سڄي ڄمار فن کي ڏني آهي پر افسوس جو هينئر بيماري واري حالت ۾ ثقافت کاتي سميت ڪنهن به سندس سار نه لڌي آهي بنادير نوٽيس وٺي صوفي راڳي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.