ٺٽي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ٺٽو(ڊر)ٺٽي جي عدالت ۾ ڪيس جي تاريخ تي آيل گھارو واسي پورھيت کي مڪلي پوليس پاران عدالت ٻاھران پيءُ جي موجودگي  ۾ گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد جڙتو مقابلو ڏيکاري کيس زخمي ڪرڻ واري عمل خلاف زخمي ٿيل سڪندر ڪاتيار جي ڪيترن ئي وارثن گھارو لڳ ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار ٻاٻڙا جي رھواسين مڪلي تي مڪلي پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي زخمي سڪندر ڪاتيار جي پيء عبدالڪريم عرف عدل ڪاتيار، علي مراد، محمد حنيف، نور محمد، قادر بخش، محمد الدين ڪاتيار ۽ ٻين چيو تہ ڪالھ سڪندر ڪاتيار پنھنجي پيء سان گڏ ٺٽي جي عدالت ۾ ھڪ ڪيس جي تاريخ تي آيل ھو، جنھن کي پوليس سندس پيء جي موجودگي ۾ عدالت کان ٻاھر نڪرندي کيس کنڀي گم ڪرڻ بعد گذريل رات دير سان مڪلي غلام اللہ روڊ تي جڙتو مقابلو ڏيکاري کيس ھاف فرائي ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي،  جنھن جو علاج بہ نٿو ڪرايو وڃي، جيڪو ھاڻي معذور بڻجي ويو آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ پوليس بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي اسانجي نوجوان کي گوليون ھڻي ھٿ ٺوڪيو مقابلو ڏيکاريو آھي، جنھن تي ھن کان اڳ بہ ھڪ کيس پوليس پاران داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ڪيس جي تاريخ تي ھو آيل ھو. ھنن چيو تہ کين خدشو آھي تہ پوليس وڌيڪ ڪيس مذڪورہ زخمي نوجوان تي داخل ڪري ڇڏيندي. ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو  ساڻن انصاف ڪري ھن معاملي جي صحيح نموني جانچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.