ڇور لڳ جهيڙو، صحافي جا 2 ڀائر ڪهاڙيون هڻي زخمي

ڇور( ن ع آ ) ڇور ويجهو ڳوٺ صديق نھڙي ۾ زمين جي ڳالهه تان ڪراچي جي سينئر صحافي آزاد نھڙي جي ٻن ڀائرن ھيبت ۽ نياز  علي نھڙي  تي منڱريا برادريَ جي ماڻهن ڪھاڙن ۽ لٺن سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري وڌو جن کي سول اسپيتال عمرڪوٽ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف عمر نھڙي جي فردياد تي ڇور ٿاڻي تي 6ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو  آهي ڇور پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ھوڏاھين عمر نھڙي ، منور  ، ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڀائرن تي بناجواز حملو ڪري زخمي ڪيا آهن فورن جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڇور ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي ڳالهه تان جھيڙو ٿيو آهي منڱريو برداري جي 6خلاف ڪيس داخل ٿيو آهي اسان ٻن ڄڻن قيوم ۽ ڪريم منڱريو کي گرفتار ڪيو آهي ٻيا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاء ڇاپا جاري آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.