ٺاروشاهه ۾ شاهه عبداللطيف لائبريري تي جج جو ڇاپو

ٺاروشاھه (ن ع آ)ٺاروشاھه ۾ قائم شاھه عبدالطيف لائبريري بنيادي سهولتن کان محروم واري عمل تي عوامي شڪايتن ۽ ميڊيا  تي مسلسل هلندڙ خبرون جو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سختي سان نوٽيس وٺندي سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز کي حڪم تي سول جج ڀريا اصغر علي ٻٻر لائبريري تي اوچتو ڇاپو هنيو جتي لائبريري ۾ پيل قيمتي سامان قديمي ڪتاب، نيوز پيپر، ميگزين سميت ٻيو سامان نه هجڻ لائبريري ۾ ڪيتري عرصي کان بجلي پاڻي نه هجڻ سميت لائبريري ۾ فرنيچر جي شديد کوٽ ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته سول جج جي ڇاپي جو ٻڌي رهواسي وڏي انگ ۾ لائبريري پهچي ويا جتي شهرين مشتاق عباسي قاسم سهتو نظير سهتو عرفان ڏاهري عالم بالادي علي شير ڪيريو ٻين شهرين لائبريري ۾ ڪتابن، بجلي ۽ فرنيچر جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون ه جو چوڻ هيو ته شاھ عبدالطيف لائبريري بنيادي سهولتن جي اڻهوند جي ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڪو به لاڀ نه ملي رهيو آهي.  جنهن ڪري خاص ڪري پڙهيل لکيل نوجوان سخت پريشان ٿي مجبورن هوٽلن ۽ ٻين فضول جاين تي ويهي هن جديد دور ۾ قيمتي وقت وڄائي رهيا آهن هن سول جج آڏو لائبريري سمورين سهولتن ڏيڻ جي گهر ڪئي جنھن تي سول جج پاران ٺاروشاھ جي ٽائون ڪاميٽي جي آفيسر سڪندر علي بجاراڻي کي اڄ عدالت ۾ رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي هوڏانهن سول جج جي اهڙي عمل جي مختلف سياسي سماجي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن خوشي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.