گلگت بلتستان ۾ حڪومت ڪير ٺاهيندو؟

صدام ساگر

گلگت بلتستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جي 24 سيٽن مان 23 سيٽن جي ڄاڻايل نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف 9، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن 2، جي يو آءِ ۽ ايم ڊبليو ايم کي هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. هن وقت تائين جي آيل نتيجن موجب ڪا به سياسي پارٽي پاڻمرادو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ناهي. توڙي جو اڃا سرڪاري نتيجا ناهن آيا تنهن ڪري حڪومت سازيءَ لاءِ سياسي توڙي،  ”هارس ٽريڊنگ“ يا ”نمبر گيم“ واري راند شروع ناهي ٿي پر ان کان اڳ ئي ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي سياسي تاريخ گواهه آهي ته اسان وٽ جيڪڏهن ڪير چونڊن ۾هارائي وڃي ٿو ته اُهو پنهنجي هار ڪڏهن به مڃڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، جڏهن ته ڪاميابي آسانيءَ سان تسليم ڪئي ويندي آهي پر شڪست جي صورت ۾رڳو ڌانڌليءَ جو راڳ آلاپيو ويندو آهي.

جيتوڻيڪ ڌانڌلي ۽ الزام اسان جي سياسي ڪلچر جو حصو بڻجي چُڪا آهن، جنهن مان ايئن لڳندو آهي ته الزامن کان سواءِ چونڊون ئي اڻپوريون هونديون آهن. اسان جي ”ڌانڌلي“ واري لاڙي کي هاڻي ته عالمي سطح تي پذيرائي ملي چُڪي آهي جو ٽرمپ به اسان جي طرز سياست جي ڪاپي ڪندي پنهنجي صدارتي چونڊن ۾ناڪاميءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت ”ڌانڌلي“ جو جواز ڄاڻيندي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾شامل مختلف پارٽين اعتراضن ۽ خدشن جي بنياد تي آسلام آباد وڃڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان کي ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن کسيل سيٽون واپس نه مليون ته اسلام آباد وينداسين. (ن) ليگ جو پڻ موقف سامهون آيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ملندڙ سيٽون ”سليڪٽرن“ جي مهرباني آهي. جڏهن ته مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾8 سيٽن جون مبارڪون عمران خان بدران ”سليڪٽرن“ کي ڏنيون آهن. هن سڄي سياسي راند ۾بُري شڪست باوجود مولانا فضل الرحمان به پوئتي ناهي رهيو، سندس چوڻ آهي ته حڪمران پارٽيءَ کي گلگلت جو ٻيڙو ٻوڙڻ نه ڏينداسين. جيتوڻيڪ اپوزيشن جي احتجاجن، اسلام آباد وڃڻ يا نتيجن کي رد ڪرڻ سان هاڻي ڪجهه ٿيڻو ناهي، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي چُڪو آهي.

هونئن ته ڪاميابي ۽ ناڪامي مقابلي جو حصو هوندي آهي پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ناقص ڪارڪردگيءَ باوجود گلگت بلتستان ۾ڪاميابي سوال ضرور اُٿاري ٿي. سوال اُهو آهي ته ڇا مخالف پارٽين جا لڳايل الزام دُرست آهن؟ رات پيٽ ۾ نتيجا ڪٿي ۽ ڪنهن تبديل ڪيا آهن؟ پيپلز پارٽيءَ جي وڏن جلسن باوجود ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻ جو سبب پارٽي بيانيي کي پذيرائي نه ملڻ آهي يا هٿ سان هارايو ويو؟ جي بي 13 ۾موسم جو بهانو حقيقي هو يا ان پويان به ڪا سازش هئي؟ چيو پيو وڃي ته 6 مهينا اڳ پي ٽي آءِ وٽ ڪو اُميدوار نه هو، هاڻي به وزيراعليٰ جي لاءِ اميدوار ناهي، ڇا ان ڏس ۾ن ليگ جو لڳايل الزام”اسان جا اُميدوار ٽوڙيا ويا“ دُرست آهي؟ چونڊ عمل جو جائزو وٺندڙ اداري فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) مطابق گلگت بلتستان جون چونڊون منظم ۽ پُرامن رهيون، ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻپ جو عمل گڏيل طور شفاف رهيو، پر نتيجن جي انتظامن ۾مسئلا سامهون آيا. سوال اهو پڻ آهي ته  نتيجن جي انتظامن ۾ڪهڙا اصل مسئلا سامهون آيا؟ اهي سمورا سوال جواب طلب آهن پر هتي اڻ ٿيڻو  ۽ ناممڪن به ٿيندو رهندو آهي، ناڪام کي ڪامياب ڪرائڻ هونئن به ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

توڙي جو گلگت بلتستان حڪومت ٺاهڻ لاءِ 14 سيٽون گُهربل هونديون آهن، پر هن ڀيري سادي اڪثريت ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ ناهي. هِن صورتحال ۾اقتداري واڳ سنڀالڻ لاءِ ڪير ڪنهن وٽ ويندو؟ ان جو اندازو لڳائڻ ايڏو ڏکيو ناهي ڇو ته گلگت بلتستان جي اها پراڻي ”جيڪو کٽي ان سان گڏ هجڻ“ واري روايت برقرار آهي. هيڪر پ پ ۽ ن ليگ جيڪڏهن حڪومت سازيءَ لاءِ هڪٻئي جي سڏ جو پڙاڏو بڻجي پون تڏهن به اُهي حڪومت ٺاهي نه سگهنديون ڇو ته ٻنهي وٽ گهربل اڪثريت تڏهن به جڙي نه سگهندي. ان لاءِ ظاهر آهي ته ٻنهي پارٽين کي آزاد اميداورن جو پاسو وٺڻو پوندو پر گهڻو ڪري ته آزاد اُميدوار پڻ تحريڪ انصاف جا ناراض اڳواڻ آهن، جنهن کي پارٽيءَ ٽڪيٽ جاري نه ڪيو هو. هاڻي ڇا اُهي آزاد اميدوار حڪومت سازي لاءِ پ پ يا ن ليگ سان هٿ ملائيندا؟ ظاهري طور اهو ناممڪن لڳي ٿو ڇو ته اُهي چاهيندا هوندا ته اسان ڪنهن اقتداري ڌر سان هٿ ملايون جيڪا سڀاڻي اسان جي ڳالهه به ٻڌي، پ پ ۽ ن ليگ وٽ ڏيڻ لاءِ ته هن وقت ڪجهه ناهي، ان ڪري گلگت بلتستان ۾حڪومت وري به تحريڪ انصاف ٺاهيندي نظر اچي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.