سکر بيراج ڪالوني خالي ڪرائڻ لاءِ مهينو مهلت، ڪاروباري عمارتون ٽن ڏينهن ۾ ڪيرائڻ جو حڪم

سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر بئراج ڪالوني ۾ رهندڙن کي مهيني تائين قبضا خالي ڪرڻ جي مهلت ڏيندي ڪمرشل عمارتون ٽن  ڏينهن اندر ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت  ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جي مهلت  واري استدعا رد ڪري ڇڏي.عدالت چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪم ڪري ها ته سنڌ جا ماڻهو مهانگو اٽو خريد نه ڪن ها. آبپاشي کاتي جي زمين، واهن جي ڪپرن ۽ ڪالونين مٿان قبضن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ داخل مختلف پٽيشنن جي ٻڌڻي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس محمود اي خان تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ڪئي.  ٻڌڻي دوران آبپاشي کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن جا ڪامورا، ضلعي انتظاميا جا آفيسر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان عابدي ۽ ٻيا پيش ٿيا. ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ پيشي دوران استدعا ڪئي ته سکر جي بئراج ڪالوني جي رهندڙن کي ٽن مهينن جي مهلت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته انهن کي متبادل جڳھه منتقل ٿيڻ ۾ مشڪلاتون هجڻ سان گڏ سياري جي موسم آهي تنهن ڪري عدالت سڳوري ٽن مهينن تائين آپريشن ملتوي ڪري ته جيئن اتي جا رھواسي ٻئي هنڌ منتقل ٿي سگهن. ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس محمود اي خان ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جي ٽن مهينن جي مهلت واري استدعا رد ڪندي بئراج ڪالوني سکر ۾ رهائشين کي مهيني اندر قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪمرشل دڪان، خانگي حرا اسپتال، سي ٽي اسڪين اسپتال سميت جاويد شاھ جي بنگلي کي ٽن ڏينهن اندر خالي ڪرائي گهڻ ماڙ عمارتون ۽ دڪان ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس محمود اي خان رماڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جيڪڏهن ڪم ڪري ها ته جهجهي ڪڻڪ پيدا ڪندڙ سنڌ جا ماڻهو ٽيھه روپيه ڪلو وارو اٽو هڪ سئو ۾ خريد نه ڪن ها، سڀني کي خبر آهي ته سنڌ مان ڪڻڪ ڪيئن رشوت عيوض اسمگلنگ ٿي ۽ اڄ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ پاڻ اٽي لاءِ پريشان آهن تنهنڪري عملي ڪم ڪرڻ بجاءِ عدالت کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.