تقرير تي پابندي جو معاملو: عدالت جو ڪنهن به مفرور کي رليف ڏيڻ کان انڪار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جون تقريرون نشر ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن مفرور جوابدار کي رليف ڏيڻ عام مفاد ۾ ناهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عدالتي اشتهارين جون تقريرون نشر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي عدالت ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا کان پڇاڻو ڪيو ته توهان رليف ڪنهن لاءِ گهري رهيا آهيو؟ جيڪو توهان گهري رهيا آهيو ان حڪم جو ڪنهن کي ته فائدو ٿيندو؟ پرويز مشرف ڪيس ۾ اسان اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪا آهيون، مشرف ڪيس ۾ چئي چڪا آهيون ته ڪنهن مفرور لاءِ ڪو رليف ناهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته تازن ورهين ۾ سياسي عدم استحڪام سبب عدليا کي گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو پيو، اهو ڏاڍو سنجيده سوال آهي، درخواست گذار ٻڌائي ته ڪنهن لاءِ رليف گهري رهيو آهي ۽ پيمرا ڪنهن تي پابندي هنئي آهي؟ هتي موجود درخواست گذار متاثر ڌر ناهي، ان آرڊر سان 2 ماڻهو متاثر آهن.

چيف جسٽس چيو ته توهان جي عدالت سان رليف سڀني مفرور جوابدارن کي ملندو، جيڪو عدالت ڏيڻ نٿي چاهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عدالتي نظام تي اعتماد ناهي ۽ ڀڄي ٿو وڃي ته ان کي عدالت سرينڊر ڪرڻ تائين رليف ناهي ڏيندي، جيڪڏهن ڪو مفرور هجي ته اهو عدالت جو غير قانوني آرڊر به چئلينج نٿو ڪري سگهي.

عدالت سلمان اڪرم راجا کي چيو ته توهان ڪيس جي تياري ڪري اچو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل ڏيو، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.