گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڪامياب 5 آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل 5 آزاد اميدوار پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا.

گلگت بلتستان جي ڪامياب 5 آزاد اميدوارن گورنر هائوس گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

 پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ ماڻهن ۾ جي بي اي 9 اسڪردو 3 مان ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوار وزير سليم، جي بي اي 10 اسڪردو 4 مان آزاد اميدوار راجا ناصر، جي بي اي 22 گانچي 1 مان آزاد اميدوار مشتاق حسين، جي بي اي 23 گانچي 2 مان آواز اميدوار عبدالحميد ۽  جي بي اي 5 نگر 1 مان ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوار جاويد منوا شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.