سنڌ ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم، طبي عملي جون موڪلون بند

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ تي صوبائي حڪومت ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪري صحت کاتي جي ملازمن جون موڪلون بند ڪري ڇڏيون آهن.

ڪورونا وائرس جي نئين لهر کي ڏسندي سنڌ حڪومت طرفان ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي صحت کاتي طرفان ايمرجنسي ڪنٽرول روم جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ڇهين ماڙ تي ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 4 ڊاڪٽرن سميت 9 آفيسر فرض انجام ڏيندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت صحت کاتي جي ملازمن جون موڪلون به بند ڪري ڇڏيون آهن.

ان ڏس ۾ جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ملازمن کي ميڊيڪل بنيادن تي رڳو موڪل ملي سگهندي، جڏهن ته صحت کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 18هين تائين بدلين ۽ مقررين تي به پابندي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.