گلشن اقبال: سنڌي مومن هائوسنگ سوسائٽي جي فلاحي پلاٽن تي بااثرن جو قبضو

ڪراچي ۾ سپر سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ قبضا مافيا  پاران  سنڌي مومن هائوسنگ سوسائٽي جي فلاحي پلاٽن اسڪول، مسجد، راندين جي ميدان ۽ گهرن جي پلاٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي  قبضي خلاف هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمين علي احمد ناريجو عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي  ٻڌايو  ته انهن  جي سوسائٽي ۾ 395 الاٽيز آهن جيڪي هاء ڪورٽ سنڌ ۾ رجسٽر به ٿيل آهن پر فيڪٽري مافيا جا ماڻهو حد جي  ٿاڻي جي ملي ڀڳت سان سمورن فلاحي پلاٽن ۽ گهرن تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن عمل خلاف آواز اٿارڻ تي انهن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ خريد ڪرڻ جي به ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  هن چيو ته هو واضح  ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪنهن به غريب جي گهر تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو ، هن مطالبو ڪيو ته وزيراعلي سنڌ ۽ سڪريٽري ڪوآپريٽو سوسائٽي معاملي جو نوٽيس وٺي حقدارن کي گهر ۽ انصاف ڏياري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.