گلگت جو اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺاهڻ ۾ مصروف آهي: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز خان تي الزام هنيو آهي ته هو گلگت بلتستان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت بڻائڻ ۾ لڳل آهي.

گلگت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان تي الزامن جو مينهن وسائي ڇڏيو.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان پنهنجو واعو پورو نه ڪيو، هو پنهنجي ملاقاتن جي تفصيل عوام جي سامهون آڻي، اليڪشن ڪمشنر سياسي ماڻهن وٽ وڃي ويهندو آهي.

سندس چوڻ هو ته هتي ته رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) جو معاملو ناهي، اسان کي سرڪاري نتيجن جو انتظار آهي، اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت بڻائڻ ۾ لڳل آهي، سازش جي تحت عورتن کي ووٽ جو استعمال نه ڪرڻ ڏنو ويو.

هن چيو ته آزاد اميدوار رڳو جنوري تائين انتظار ڪن، پي ٽي آءِ  وارا آزاد اميدوارن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ڪامياب اميدوارن کي سوچڻ گهرجي ته ڇا هو هڪ ٻن مهينن لاءِ سڀ ڪجهه وڃائڻ چاهي ٿو، اسان هٿ ٺوڪي حڪومت کان آزادي وٺي رهنداسين، جي بي 2 گلگت 2 مان جلد خوشخبري ملندي.

هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام سڀ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي اسان جي منشور کي اختيار ڪيو آهي، هتي پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽون ۽ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ ورتا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.