سوئي گيس ڀرسان پيٽرول پمپ تي اڻڄاتل ھٿياربندن جو حملو ،فائرنگ ، ڀڃ ڊاھ

سوئي گيس ڀرسان  مهراڻ هاءِ وي تي  اڻ ڄاتل هٿياربندن پيٽرول پمپ تي  حملو ڪرڻ بعد فائرنگ ۽ ڀڃ ڊاھ

ڪئي ، جنهن دوران پمپ جي  عملي لڪي جان بچائي ،فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ، فائرنگ جي نتيجي ۾ پيٽرول پمپ جي مشينن ، آفيس جي شيشن کي سخت نقصان رسيو ،  هوڏانهن فائرنگ دوران پيٽرول پمپ عملي ڀڄي جان بچائي جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ،  اطلاع ملڻ بعد ايس پي ٺري ميرواھ ۽ ايس ايڇ ٺري ميراھ واقعي واري هنڌ پهتا ۽ تفصيل پڻ ورتا ، پمپ عملي جو چوڻ  هو ته  ٻن گاڏين ۾ سوار نامعلوم هٿياربندن پمپ تي پهچڻ سان ئي فائرنگ ڪري ڀڃ ڊاھ شروع ڪري ڏني ، ايس ايڇ او ميرواھ جو چوڻ هو ته واقعي جو ايس ايس پي خيرپور تڪڙو ايڪشن وٺندي چوڪي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.