پاڪستان ۾ سينيٽ کي اهي اختيار اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن: جامي چانڊيو

دادو  ( ڊ ر ) پاڪستان ۾ جيڪو بحران آهي ان جو ڪارڻ آئين تي عمل درآمد نه ٿيڻ آهي، جيسيتائين اوهان صوبن ۽ سينيٽ کي مضبوط نه ڪندئون تيسيتائين ملڪ مضبوط نه ٿيندو اهڙو اظهار اديب، دانشور، ليکڪ، ڪالم نويس جامي چانڊيو دادو ۾ سماجي تنظيم سينٽرل فار پيس اينڊ سول سوسائيٽي (سي پي سي ايس) پاران ايڇ ايس ايف جي سهلڪار سان ٽي روزا سکيا پروگرام سياسي تعليم ۽ فڪري تربيت جي عنوان هيٺ ٿيندڙ ورڪشاپ ۾ ڪيو، جامي چانڊيو ۽ ادريس لغاري چيو ته دنيا ۾ 194 ملڪن مان 29 ملڪ وفاقي ملڪ آهن، جنهن ۾ گهڻ قومي، گهڻ نسلي، گهڻ علائقائي ماڻهو هجن اتي وفاقي نظام ٺهندو آهي، هنن چيو ته وفاقي ملڪن جو انگ ٿورو آهي پر دنيا جي 7 ارب آبادي مان 42 سيڪڙو آبادي هنن 29 ملڪن ۾ آهي، هن چيو ته انتظامي نظام دنيا ۾ ٽي آهن، هنن چيو ته وفاقي نظام ۾ مک رول سينيٽ جو هوندو آهي پر افسوس ته پاڪستان ۾ سينيٽ کي اهي اختيار اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن جنهن سبب ملڪ مضبوط نه آهي ۽ ادارن ۾ تڪرار پيدا ٿين ٿا، هنن چيو ته 18 آئيني ترميم بهتر قدم آهي جنهن ۾ فردن تي مشتمل اختيار ختم ڪيا ويا. ۽ اسميبلين کي اختيار ڏنا ويا آهن، قدرتي وسيلا اڳ ۾ وفاق جي ملڪيت هئا ۽ وفاق 88.50 سيڪڙو پاڻ کڻندو هو ۽ 11.50 سيڪڙو صوبن کي ڏيندو هو پر 18 ترميم ۾ هاڻي 50 سيڪڙو وفاق ۽ 50 سيڪڙو صوبن حوالي ڪرڻو آهي، آرٽيڪل 10 اي، آرٽيڪل 19 اي، آرٽيڪيل 25 اي ۽ آرٽيڪل 14 اي کي شامل ڪيو ويو جنهن سان هاڻي وزير اعظم، صدر يا ڪنهن هڪ فرد کي اهي اختيار نه هوندو ته هو اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي، هنن چيو ته اين ايف سي اوارڊ تحت صوبن کي 56 سيڪڙو ڏنو ويو آهي جنهن کي هاڻي ڪير به قانون موجب گهٽائي نه ٿو سگهي، وفاقي حڪومتون صوبن جي رضامندي تي هلنديون آهن پر افسوس جو هتي صوبن ۽ وفاق ۾ به تڪرار آهي، جڏهن ته ان موقعي تي دادو ضلعي جي دادو، جوهي، ڦلجي اسٽيشن، ڦلجي وليج، مخدوم بلاول، پيارو، پاٽ، واهي پانڌي، سيتا ۽ ٻين شهرن جي مختلف سياسي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن سکيا ورڪشاپ ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي، سکيا حاصل ڪندڙ ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.