سجاول ۾ ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ دڙي جي ڳوٺ حاجي عثمان ڀنڀرو جو رهواسي پيرسن  الهڏنو ڀنڀرو پريس ڪلب سجاول م صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ڄاڻايو آهي ته  برادري جا بااثر  مختلف بهانا ڪري اسان کي ڳوٺ مان لڏائي اسانجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ھن الزام ھڻندي چيو آهي ته برادري جا بااثر بلاجواز گهر ۾ داخل ٿي ڪري منهنجي گهرواري کي سخت مارڪٽ ڪئي آھي ھن چيو ته اهڙو  اطلاع دڙو ٿاڻي تي ڪيو پر پوليس فرياد نه ورتو پيرسن الهڏنو ڀنڀري وڌيڪ چيو ته ڳوٺ جا ڪجھ ماڻهون به ھنن جا ساٿاري بڻيل آھن جيڪي پڻ ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن  ھن ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر جي ظلم زيا جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.