ڳڙهي ياسين ۾ آغا سراج خان دراني طرفان ڪارنر گڏجاڻيون

ڳڙهي ياسين (ن ع آ)ڳڙهي ياسين تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ اورنگ آباد ۾ سيد سلطان شاهه ، ڳوٺ سليمان بروهي ۾ نور محمد بروهي ، ڳوٺ عبدالستار جمالي ۾ رئيس عبدالقادر جمالي سميت ٻين ڳوٺن ۾ پ پ ڪارڪن سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون، هوڏانهن اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ڳوٺ عبدالستار خان جمالي پهتو جتي ڳوٺاڻن سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيئن ئي اليڪشن کٽي ته مخالفن پاران ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهيو جنهن سبب ڪيترو ٽائيم جيل حوالي ٿي ويو ، جيل کان آزادي ملي ته ڪرونا وائرس جي وبا فهلجي وئي جنهن سبب تعلقي جي ماڻهن جو شڪريو ادا نه ڪري سگهياسين ، ان ڪري تڪ جي عوام جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِِ دورا شروع ڪيا آهن ، هن وڌيڪ چيو ته مان انهن ماڻهن جو به نهايت شڪرگذار آهيان جيڪي مونسان جيل ۽ ڪورٽن ۾ ملاقات ڪرڻ ايندا هئا، ان موقعي تي سردار زاده ذوالفقار خان سيلرو ، وڏيرو عبدالنبي جعفري ، ڪامريڊ محمد رفيق جعفري ، عطاالرسول جوڻيجو ، غلام اصغر جعفري ، عبدالقادر گوپانگ ، حاجي چاڪر خان بغدار ، جاويد دراني ، ڪشمير جمالي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.