بٺوري ۾ ڏتل خان مگسي جي قتل خلاف ڌرڻو

ميرپوربٺورو (ت ر) ميرپوربٺورو ۾ مگسي برادري پاران 2 هفتا اڳ دڙي ڀرسان قتل ٿي ويل ڳوٺ جي سريال ڏتل خان مگسي جي قتل ڪيس ۾ نامزد محمد بخش مگسي کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول جي پٽ احسان مگسي، ڀائيٽيي عبدالجبار مگسي عليم مگسي حافظ اياز مگسي جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺورو جي شورا چوڪ وٽ سجاول ،بٺورو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، انهي موقعي تي احتجاج ڪندڙن قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٻنون پوليس بااثرن جي ونگاري بڻيل هجڻ ڪري ڏتل خان مگسي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار محمد بخش مگسي کي گرفتار نٿي ڪري،هنن چيو ته  پوليس علائقي جو ماحول خراب ڪرڻ لاءِ قاتلن کي ڇوٽ ڏئي رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿي، هنن آئي جي سنڌ پوليس سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏتل خان مگسي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ٻن ڏينهن بعد قاتل جي گرفتاري لاءِ دولهه دريا خان پل تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.